سکر : صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 8 جون تائين ملتوي

سکر : صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 8 جون تائين ملتوي ، تفصيل موجب دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ صدارتي ايوارڊ يافته صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جوابدارن رضا شاهه، عاشق ميراڻي ۽ ٻيا پيش ٿيا. عدالت ۾ جميل شاهه، غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ اڪبر منڱريو به عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته شهيد اجي لالواڻي جو والد دليپ ڪمار، ڀاءُ روهيت ڪمار، اڪانت لالواڻي ۽ ٻيا پيش ٿيا، مدعي جي طرفان ايڊووڪيٽ زبير، احمد راجپوت پيش ٿيا، پر جوابدارن جا وڪيل پيش ٿي سگهيا، عدالت جوابدارن جي وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 8 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ جوابدارن کي وڪيلن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.ياد رهي ته 26 مهينا اڳ صحافي اجي لالواڻي کي صالح پٽ ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو هو، صحافي اجي جي پيءُ دليپ ڪمار موجب پٽ کي بااثر جوابدارن قتل ڪرايو هو ۽ هاڻي اسان کي به مختلف ڏوهارين جي مدد سان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن. هن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اختيارن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي۔