شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو کي لازوال صلاحيتن عيوض گڏيل قومن اداري طرفان مڃتا ڏني وئي

شهيد الله بخش سومرو (SABS) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو کي ورلڊ انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن (WIPO) پاران سال 2023ع لاءِ جدت، انٽرپرينوئرشپ ۽ ڪاروباري شعبي ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪرڻ تي مڃتا ڏني وئي آهي. ورلڊ انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن، يوراگوئي، ڪولمبيا، سئٽزرلينڊ، وينزويلا، اينٽيگوا ۽ باربوڊا، ڪوسٽا ريڪا، برازيل، روس، انڊيا، مصر، چلي، سنگاپور، انگلينڊ، ميڪسيڪو، ٽرينڊاڊ ۽ ٽوبيگو، آمريڪا، ڪويت، چين، رومانيا، پيرو، ٿائلينڊ، ڪئناڊا، البانيا، سريلنڪا، فرانس ۽ ٻين ملڪن جي معززين سان گڏ ويب سائيٽ تي ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو جو پروفائل اپ لوڊ ڪيو آهي.ورلڊ انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن (WIPO) دانشورانه صلاحيتن، خدمتن، پاليسي، معلومات ۽ سهڪار جو عالمي فورم آهي. اهو گڏيل قومن جي پاڻمرادو فنڊنگ ڪندڙ ادارو آهي ۽ 193 ميمبر رياستون انهيءَ جو حصو آهن. WIPO جو مشن هڪ متوازن ۽ موثر بين الاقوامي IP سسٽم جي ترقي جي اڳواڻي ڪرڻ آهي جيڪو سڀني جي فائدي لاءِ جدت ۽ تخليق کي مڃتا ڏئي ٿو.فيڪلٽي ميمبرن، انتظامي عملي ۽ شاگردن ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو کي سندس شاندار ڪاميابي ۽ عالمي اداري پاران اعزاز حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.