ارڙي سبب غوثپور جي ڳوٺ بصر اوگاھي ۾ ٻه معصوم ٻارڙا خالدا ء نديم فوت ٿي ويا، ڳوٺ جا ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ ورتل، صحت کاتو خاموش تماشائي بڻيل. هنن معصوم ٻارڙن جو ايف آئي آر صحت کاتي جي عملدارن مٿان داخل ڪئي وڃي ڇو ته صحت کاتي کي هنن وبائي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپين جو بجيٽ ملندو آهي، ڪنڌڪوٽ جا ڪامورا ڪروڙين رپيا پنهنجي ذاتي ڪمن هيٺ استعمال ڪري ويگو گاڏيون پنهنجي ٻارن کي ٻاهرين ملڪ پڙهائڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا عوام جا معصوم گلن جهڙا معصوم ٻارڙا وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿي تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪن ٿا منهنجو هڪ ئي مطالبو آهي ته جيڪي به ڪامورا صحت کاتي ڪشمور ضلعي ۾ آهن انهن سڀني مٿان قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي – مطالبو