وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ڪابينه اجلاس سان خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته سڀاڻي شهيدن جي ياد ۾ ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن نٿا وساري سگهون.