سنڌ :جي ٽن ڊويزنز ۾ انٽر جا امتحان 30 مئي کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ويو آهي.صوبائي وزير اسماعيل راهو موجب، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ امتحان 30 مئي کان ٻن شفٽن ۾ ورتا ويندا، جنهن ۾ 4 لک 89 هزار شاگرد حصو وٺندا.اسماعيل راهو ٻڌايو ته ٽنهي ڊويزنز ۾ 3 سئو نوي ويجلنس ٽميون جوڙيون ويون آهن ۽ 7 سئو امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.