آڊيو ليڪس جاچ ڪميشن ثاقب نثار جي پٽ سميت 4 شخصيتن کي طلب ڪري ورتو

مبينه آڊيو ليڪس جي جاچ ڪندڙ ڪميشن 4 شخصيتن کي طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب مبينه آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن 4 اهم شخصيتن کي طلب ڪري ورتو.جاچ ڪميشن طرفان آڊيو ليڪس تڪرار ۾ 27 مئي تي طلب ڪيل 4 شخصيتن ۾ صدر سپريم ڪورٽ بار عابد زبيري، ايڊووڪيٽ طارق رحيم، صحافي عبدالقيوم ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو پٽ انجم ثاقب شامل آهن.آڊيو ليڪس جاچ ڪميشن 27 مئي تي طلب ڪيل شخصيتن کان مبينه آڊيوز ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت سوال ڪندو.