عورت جج کي ڌمڪين جو ڪيس: عمران خان طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيو

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ طلب ڪرڻ باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طلب ڪرڻ باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو.ٻڌڻي دوران عمران خان جو جونيئر وڪيل مرزا عاصم بيگ عدالت جي آڏو پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته عمران خان جو سينئر وڪيل سلمان صفدر آهي اهو لاهور مان اچي رهيو آهي. هن ڪيس ۾ اهو دليل ڏيندو.جونيئر وڪيل چيو ته عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرڻي آهي ان تي پراسيڪيوٽر حاضري کان ڇوٽ جي مخالفت ڪندي چيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي عمران خان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.عدالت چيو ته ڇوٽ جي درخواست آئي ته ڏسنداسين جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.