ڪنڌڪوٽ : 5 ڏينهن اڳ ھٿياربندن ھٿان مرزانپور پاڙي مان اغوا ٿيل ھندو نينگر سمرت ڪمار جي اغوا خلاف ۽ سندس جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي پاران غلام مصطفيٰ ميراڻي، حافظ نصر اللّٰه چنہ عبيد الله گولو طالب حسين سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻارڙن جو گھنٽاگھر چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري امن جي بحالي لاءِ ھٿن جي زنجير ٺاھي وئي احتجاج ۾ شريڪ مظاھرين پاران بازياب ڪرايو سمرت ڪمار کي بازياب ڪرايو امن ڏيو شھر واسين کي امن ڏيو جا نعرا ھنيا انهيَ موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس انتظاميا جي نااھلي سبب بدامني عروج تي پھچي چڪي آهي ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿي چڪو آهي عوام سان گڏ عوام جا محافظ به غير محفوظ ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن معصوم سمرت ڪمار کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آهي ضلعي مان 35 کان وڌيڪ ماڻهون اغوا ٿي چڪا آهن پر پوليس ڏوھارين آڏو بيوس ۽ سنڌ حڪومت خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رھي آهي ھنن مطالبو ڪيو ته ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ فوجي آپريشن ڪري سمرت ڪمار سميت سمورن مغوين کي جلد بازياب ڪرائي امن امان بحال ڪري عوام کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو