سکر: سماجي تنظيم پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي، خبرموجب: سماجي تنظيم ويلٿ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران لب مھراڻ کان سکر نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي رياض سولنگي، ڊپٽي ڪمشنر جو فوڪل پرسن سمندر خان ڀٽو، عمران شاہ، گل ناز ملاح ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ريلي ۾ شهرين، سماجي ڪارڪنن ۽ اسڪولي شاگردن شرڪت ڪئي، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته پاڪ فوج اسان جي ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي، سازشي عناصر ملڪ ۽ پاڪ فوج جو نالو بدنام ڪري رهيا آهن، اسان جو پاڪ فوج سان پيار آهي، انهن جي بيشمار قربانين جي بدولت سڪون جي ننڊ سمهون ٿا، ملڪ جو عوام پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته غيرملڪي اشارن تي پاڪ فوج خلاف سازشون ڪندڙن کي ٻنجو ڏنو وڃي.