ڪنڌڪوٽ : لڳ گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جي ڪم ڪندڙ سچل ڪمپني جا ٽي ملازم ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪشمور پوليس پويان ويل مقابلي جا امڪان ملڪ برادري جو ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو احتجاجي مظاهرو تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ دراني مھر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڪارڙا پتڻ وٽ ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي پل جو ڪم ڪندڙ سچل ڪمپني جي ملازمن ھٿياربندن جي چڙھائي ڪري ڏني ء ھٿيارين جي زور تي ٽن ملازمن مظهر جمشيد ملڪ ء شفيق کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع ڪشمور پوليس کي ڏنو ويو ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون جي اڳواڻي م پوليس نفري پويان ويل آهي ڪنهن به وقت مقابلي ٿيڻ جو امڪان آهي ھوڏانھن ملازم اغوا ٿيڻ بعد سچل ڪمپني پاران ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي پل جو ڪم بند ڪرڻ جو اعلان پوليس جي ھوندي به ڌاڙيل اغوا ڪيون ٿا وڃن ھوڏانھن زريعن موجب ته ڪم کان واپسي تي اچي رھيا ڌاڙيلن گاڏي مٿان فائرنگ ڪئي وئي ٻئي طرف ملڪ برادري جو ايس ايس پي جي آفيس اڳيان ڌرڻو احتجاجي مظاهرو نعريبازي ڪئي اسان جي جمشيد ملڪ سميت ملازمن کي بازياب ڪرائي وڃي ٻئي صورت م سچل ڪمپني جي اڳيان ڌرڻو ء ڪم بند ڪيو ويندو