وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ڪجهه اهڙيون ڪالون پڪڙيون ويون آهن جنهن ۾ هو ٻطرفي رٿابندي جوڙي رهيا هئا. پي ٽي آءِ طرفان پهرين حڪمت عملي اها ٺاهي وئي ته ڪنهن اڳواڻ جي گهر تي جعلي ڇاپو هڻي فائرنگ سان ڪارڪن کي قتل ڪيو وڃي ۽ عورت سان ريپ ڪري ان جو الزام ادارن تي هنيو وڃي.فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران گهرو وزير چيو ته جيڪي ڳالهيون سامهون آيون آهن ان ۾ ٻن قسمن جي رٿابندي جاري هئي. اهڙين ڳالهين ۾ شامل ڪردارن کي ڏسي ورتو آهي، فائرنگ جو اشو ٺاهي اهو تاثر ڏيڻو هو ته ڪيئن انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.راڻا ثناءُالله چيو ته اهڙا منصوبا ٺاهي ان کي عالمي ميڊيا تي آندو وڃي ها، اهڙي منصوبي تي اڄ رات ئي عمل ڪرڻو هو ان جي ڪري مون قوم کي آگاهه ڪرڻ مناسب سمجهيو. پي ٽي آءِ جي شيطاني عمل کان قوم کي آگاهه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته عمراني فتني جو مقصد ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ هو. 9 مئي جي ذميوارن کي سزا ضرور ملندي.