ٺڪراٺي کان سکر ويندڙ ڳوٺاڻن کان 8 لک ڦر متاثر جو رقم جي واپسي جو مطالبو خبر موجب ٺڪراٺي کان

ٺڪراٺي کان سکر ويندڙ ڳوٺاڻن کان 8 لک ڦر متاثر جو رقم جي واپسي جو مطالبو خبر موجب ٺڪراٺي کان سکر ويندڙ سوزوڪي سوار 2 ڳوٺاڻن کي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن غلام بند وٽ يرغمال بڻائي مبينا 8 لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڳوٺ اوچيئر جي رھواسي مھر برادري جي چڱي مڙس زاھد خان مھر جي ڀاءُ رحيم بخش مھر سوزوڪي تي بنگلي جو سامان خريد ڪرڻ سکر وڃي رھيو ھيو ته کيس موٽرسائيڪل سوار 2 ھٿياربندن ڏينھن ڏٺي جو غلام بند وٽ يرغمال بڻائي 8 لک روپيا رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع ملڻ شرط مھر برادري جا ڪيترائي ماڻھو جا۽ واردات تي روانا ٿي ويا جڏھن ته دبر ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع به ڪيو ويو آھي متاثر رحيم بخش مھر ۽ رابطي تي ٻڌايو ته بنگلي جو ڪم ھلي رھيو آھي جنھن جو سامان وٺڻ لا۽ سکر وڃي رھيو ھئس ته غلام بند وٽ مونکي ۽ ڊرائيور کي ھٿياربندن يرغمال بڻائي 8 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا متاثر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ڏياري وڃي.