عمران خان اين آر او گهري رهيو آهي، کيس ملڪ مان ڀڄڻ نه ڏينداسين: شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان انٽرنيشنل لابي سان رابطي ۾ آهي هو هاڻ اين آر او حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. کيس ملڪ مان ڀڄڻ نه ڏينداسين.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي پارٽي جي اختلافن سبب سنڌ حڪومت تي تنقيد نه ڪري پر پنهنجا اختلاف پارٽي اندر ختم ڪرائي. جڏهن سنڌ جي وڏي وزير آدمشماري جو مسئلو اٿاريو هو ان وقت هي ستل هئا.پ پ اڳواڻ چيو ته پيپلز پارٽي سموري سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاري ۽ سڀني کان وڌيڪ ترقياتي فنڊ ڪراچي لاءِ جاري ٿيا. ڪراچي ۾ علاج جون بهترين سهولتون موجود آهن. سڄي سنڌ مان ماڻهو هتي علاج ڪرائڻ لاءِ ايندا آهن.صوبائي وزير اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي آهي اها روپوش آهي. بلاول ڀٽو زرداري چئي چڪو آهي ته عمران خان پهريان قوم کان معافي گهري پوءِ ڳالهيون ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان اڳ ته چوندو هو ته مري ويندس ڳالهيون نه ڪندس اڄ ڳالهين لاءِ ڇو خيرات گهري رهيو آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته ڪارڪن جيلن ۾ آهن پر عمران خان کي ان جي ڪابه پرواهه نه آهي. هو ڪارڪنن کي ذاتي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪندو آهي. عمران خان کي عدليه کان رليف ملي رهيو آهي. اهڙو تحفظ اڄ تائين ڪنهن کي به نه مليو آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته ڪيپيٽل هل حملي جي ماسٽر مائينڊ کي 18 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جناح هائوس تي حملو ڪندڙن کي سزا ڇو نٿو ملي سگهي. 9 مئي تي حڪومت ۽ ادارن صبر جو مظاهرو ڪيو. عمران خان پنهنجي خاندان لاءِ اين آر او گهري رهيو آهي. حڪومت هاڻ هنن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا آهن هنن کي هاڻ ملڪ مان ڀڄڻ جو موقعو نه ڏينداسين.