آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ غوثپور پهچي شهيد اهلڪار جي تڏي تي عذر خواھي ڪئي

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ غوثپور پهچي شهيد اهلڪار جي تڏي تي عذر خواھي ڪئي۔ 2 ھفتا اڳ غوثپور شھر جي دولي چوڪ تي ڊيوٽي دوران اڻڃاتل ھٿياربندن هٿان شھيد ٿي ويل پوليس اھلڪار غلام نبي سومرو جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽شھيد اھلڪار جي مغفرت لاء دعا پڻ گھري.ان موقعي تي شھيد جي وارثن کي ھڪ ڪروڙ رپيا، اولاد کي 2 نوڪريون ڏيڻ ۽ ننڍڙي ٻارڙن جي تعليم جو خرچ ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.آءِ جي سنڌ پاران شھيد اھلڪار جي وارثن کي خون سان انصاف ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي ويئي۔آءِ جي سنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ شهيد اهلڪارن جي قاتلن سميت ڪنهن به ڏوهاري کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو عوام کي امن امان يقيني بڻائي ڏنو ويندو ۽ جيڪي به مغوي آھن سڀني کي رھا ڪرايو ويندو۔ ھن اميد ۽ آسرن جو پيغام ڏنو ته انشاء الله ڪشمور ضلعي کي امن امان جو گھوارو بڻائينداسين۔ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ، ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون ۽ ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ گڏ ھئا ائي جي سنڌ جي آمد تي شھر ۾ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا ھئا