سکر: مسلم ليگ ق جي سينيئر نائب صدر الاهي بخش انيل ڀٽي سان سندس آفيس ۾ ڪيمرامين

سکر: مسلم ليگ ق جي سينيئر نائب صدر الاهي بخش انيل ڀٽي سان سندس آفيس ۾ ڪيمرامين ۽ فوٽو جرنلسٽ ايسوسي ايشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي،ملاقات دوران سردار انيل ڀٽي چيو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن ۽ عهديدارن پارٽي ڇڏي ق ليگ جي صوبائي قيادت سان رابطو ڪيو آھي ق ليگ  ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مختلف ضلعن مان پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز ۽ عهديدارن  ق ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اسان سان رابطو ڪيو آهي، جلد اهو گروپ ق ليگ ۾ شامل ٿي ويندو، ان موقعي تي ڪيمرا مين  اينڊ فوٽو جرنلسٽس ايسو سي ايشن سکر پريس ڪلب نئين چونڊيل صدر قذافي شاهه، سينيئر نائب صدراشفاق کوسو، جنرل سيڪريٽري بلاول ڀٽي، پريس سيڪريٽري حسنين شيخ، سيڪريٽري سڪندر چاچڙ، خازن نعيم غوري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ھن موقع تے نائب صدر اشفاق کھوسو سردار انيل ڀٽي کي پاڪستان پيپلز موومنٽ جو ڪو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.