ڪراچي: پلاسٽڪ جي فيڪٽري کي خوفناڪ باهه

ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ پلاسٽڪ جي فيڪٽري کي باهه لڳي وئي آهي.ليبر چورنگي وٽ پلاسٽڪ جي فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي سڄي فيڪٽري کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ورتو.فيڪٽري ويجهو رهائشي عمارتن کي خالي ڪرايو ويو، فائر برگيڊ جون اٺ گاڏيون باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن.ذريعن موجب فيڪٽري جي ڇت تي پيل سامان کي اوچتو باهه لڳڻ بعد پکڙجي وئي.