سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمينٽس اينڊ آرڊر ايڪٽ لاڳو، نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي اپيل جو حق ملي ويو

سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمينٽس اينڊ آرڊر ايڪٽ 2023ع جي نفاذ جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، قانون تحت اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ جهانگير ترين پنهنجن ڪيسزن ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرائي سگهندا.سُپريم ڪورٽ ريويو اينڊ ججمينٽ اينڊ آرڊر ايڪٽ ٺهڻ جو انڪشاف اڄ سُپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ چونڊن بابت نظرثاني واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ان وقت ٿيو جڏهن اٽارني جنرل ٻڌايو ته اهو قانون جمعي جي ڏينهن کان لاڳو ٿي چڪو آهي.جنهن تي جسٽس مينب اختر چيو ته انڪري اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي چهري مُرڪ تري آئي آهي.صدرعارف علوي سپريم ڪورٽ جي آرٽيڪل 184 ٽي تحت پاڻمرادي نوٽيس جي اختيارن بابت بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.عارف علوي سپريم ڪورٽ رويو آف ججمينٽس اينڊر آرڊر بل 2023ع تي صحيح ڪري ڇڏي، ايڪٽ موجب آرٽيڪل 184 ٽي تحت ڪيس جو جيڪا بئنچ فيصلو ٻڌائيندي، ان تي نظرثاني درخواست لاءِ ان کان وڏي بئنچ جوڙي ويندي، نئين قانون تحت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ جهانگير ترين سميت ماضي ۾ 184 ٽي تحت نااهل ٿيندڙ کي اپيل جو حق ملي ويو آهي.منظور ڪيل بل موجب، اهڙي شخص کي قانون جي منظوريءَ جي 60 ڏينهن اندر درخواست ڏيڻي پوندي، بل جو مقصد سپريم ڪورٽ جي اختيار واري دائري کي وڌائڻ آهي.بل موجب، درخواست ڏيندڙ کي اهو حق حاصل هوندو ته اهو سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي مرضيءَ جو وڪيل مقرر ڪري، درخواست جو حق اهڙي متاثر شخص کي به هوندو جنهن خلاف قانون جي منظوري کان اڳ فيصلو ٻڌايو ويو هجي.نئين قانون تحت نظرثاني درخواست جو دائرو هاڻي اپيل جهڙو ئي هوندو، ماضيءَ ۾ فيصلي تي نظرثاني جي درخواست اها ئي بئنچ ٻڌندي هئي جنهن طرفان اهو فيصلو ڏنو ويندو هو.