غوثپور. ڳوٺ واحد بخش ڀيو جو رھواسي 25 ورھين جو نوجوان فاروق ڀيو پنجاب جي راڄن پور واري علائقي علي پور ۾

غوثپور. ڳوٺ واحد بخش ڀيو جو رھواسي 25 ورھين جو نوجوان فاروق ڀيو پنجاب جي راڄن پور واري علائقي علي پور ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڊرائيور عارف پنجابي سخت زخمي ٿي پيو اطلاع پوڻ تي فوتي جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب نوجوان کير جي گاڏي ڀرائي غوثپور طرف واپس اچي رھيو ھو تہ اچتو سامھون ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتجي ۾ 25 ورھين جو نوجوان فاروق ڀيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ڊرائيور عارف پنجابي سخت زخمي ٿي پيو آھي جنھن کي علاج لاء رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن تہ فوتي نوجوان جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارث گھر کڻائي آيا آھن نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي سندس جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويئي آھي