نَو مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏياري ئي ساهه پٽينداسين: مراد علي شاهه

سنڌ : جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نَو مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏياري ئي ساهه پٽينداسين.ڪراچي ۾ شهيدن جي ياد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته نَو مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ٿيندي، انهن سان ائين ئي ٿيندو، جيئن ملڪ جي دشمن سان ٿيندو آهي.هن چيو ته اسان شهيدن جي ڪري ئي قائم ۽ دائم آهيون، شرپسندن شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو، کين سزا ڏياري ئي ساهه پٽينداسين.