تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ميڊيڪل رپورٽ بابت پريس ڪانفرنس تي صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل کي 10 ارب روپيه هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو.صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان اماڻيل نوٽيس ۾ عمران خان کان فوري طور تي غير مشروط معافي گهرڻ ۽ 15 ڏينهن ۾ الزام واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عبدالقادر پٽيل معافي نه گهري ته قانوني ڪارروائي اڳيان وڌائينداسين. صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل طرفان هرجاڻي ۾ ڏنل 10 ارب روپيه شوڪت خانم اسپتال ۾ جمع ڪرايا ويندا.