ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ مينٽيننس آف پبلڪ آرڊيننس(ايم پي او) ٿري جي تحت نظربندي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. عدالت سانگهڙ، ميرپورخاص، جيڪب آباد ۽ ٻين جيلن ۾ نظربند 34 شهرين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته شهري ٻئي ڪنهن ڏوهه ۾ پوليس کي گهربل نه آهن ته انهن کي آزاد ڪيو وڃي. ٻين ڪيسن ۾ گرفتار جوابدارن کي به اندرون سنڌ جي جيلن کان ڪراچي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جن شهرين جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو اهي ٻين ڪيسن ۾ ضمانت جي لاءِ لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪن. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ماڻهن وٽ کائڻ پئسا نه آهن اهي اندرون سنڌ ملاقات جي لاءِ ڪيئن ويندا. عدالت سکر جيل ۾ نظربند عورت مونا کي پوليس جي سيڪيورٽي ۾ واپس ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم به ڏنو. عدالت ايم پي او تحت نظربندي ۽ گرفتاري خلاف درخواستن جي ٻڌڻي گرمي جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.