ٺل ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان صدام لاشاري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي.پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب نوجوان صدام لاشاري کي مبينا مقابلي ۾ چار گوليون لڳيل آهيون ٻه گوليون سيني ۾ ۽ ٻه گوليون جسم جي مختلف حصن ۾ لڳيون هيون جيڪي پسٽل جون نه پر رائيفل جون آھن، گوليون لڳڻ سبب صدام لاشاري جي جسم ۾ 8 زخم ٿيا.پوسٽ مارٽم رپورٽ نوجوان صدام لاشاري کي گوليون لڳڻ سبب سيني جون ٻئي پاسيريون ڀڃي پيون نوجوان صدام جو موت ڦڦڙن جو ڦاٽڻ، مادي جو ڦاٽڻ ۽ وڏي آنڊي جي ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي.