رجب طيب اردگان لاڳيتو ٽيون ڀيرو ترڪيه جي صدر جو حلف کڻي ورتو.ترڪ ميڊيا موجب گرينڊ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر طيب اردگان کان ترڪيه جي صدر جو حلف ورتو، حلف برداري جي تقريب ۾ 21 سربراهه ملڪن ۽ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف سوڌو 13 وزيراعظم شريڪ ٿيا.ان موقعي تي ترڪ صدر طيب اردگان چيو ته آئين، قانون ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري ڪندس، پنهنجا فرض ۽ ذميواريون بهترين انداز ۾ انجام ڏيندس.ميڊيا موجب صدر اردگان اڄ رات پنهنجي ڪابينا جو اعلان ڪندو ۽ حلف برداري تقريب ۾ شريڪ مهمانن کي ڊنر ڏيندو.