تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي وري هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته ڪجهه دير اڳ ئي گوجرانوالا جي عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير بابت ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌائيندي کيس ٻنهي ڪيسن مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.گوجرانوالا جي ڊيوٽي جڊيشل مئجسٽريٽ محمد افضل محفوظ فيصلو ٻڌايو.اهو به ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ پرويز الاهي کي ڪيس مان آزاد ڪيو هو، جنهن تي کيس گوجرانوالا ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.پرويز الاهي خلاف گوجرانوالا جي اينٽي ڪرپشن ٿاڻي تي ٻه ڪيس داخل آهن، ٻنهي ڪيسن ۾ مٿس گجرات جي روڊن جي اڏاوت جي ٺيڪن دوران ڪِڪ بيڪس جا الزام آهن.