پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ چوڌري لطيف اڪبر 19 ووٽ کڻي آزاد ڪشمير اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. پي ٽي آءِ جي مقبول گجر پولنگ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.چوڌري لطيف اڪبر حڪمران اتحاد جو گڏيل اميدوار هو پر حڪومت ۾ شامل پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن پولنگ جي عمل ۾ حصو نه ورتو.چوڌري لطيف اڪبر جي آڏو مقابلي لاءِ پي ٽي آءِ جي مقبول گجر پولنگ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي اسيمبلي ميمبرن جي 19 ووٽن سان چوڌري لطيف اڪبر 19 ووٽ کڻي اسپيڪر چونڊجي ويو. چوڌري لطيف اڪبر جي اسپيڪر چونڊجڻ کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر رياض گنجر نئين اسپيڪر کان حلف به کڻي ورتو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي آزاد ڪشمير جي آئين ۾ پندرهين ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ آزاد ڪشمير ۾ 16 وزير بنائڻ جي حد ختم ٿي وئي آهي.