ترڪ صدر حلف برداري تقريب: وزيراعظم شهباز شريف جي مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري تقريب جي موقعي تي مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئرمين ديولت مهچيلي سان ملاقات ڪئي. هن صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي. وزيراعظم سان جمهوري ڪوسوو جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي ملاقات پڻ ٿي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو.حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ايران جي اول نائب صدر محمد مخبر سان ملاقات ٿي. شهباز شريف بلوچستان ۽ سيتان سرحد مارڪيٽ جي قيام ۽ ايراني صدر سان تازي ملاقات جو پڻ حوالو ڏنو. وزيراعظم چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر ٽرينڊ خوشي جوڳي اڳڀرائي آهي. سرحدي مارڪيٽ سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو.ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف سان ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي به ملاقات ٿي، جنهن ۾ خطي ۾ رابطن کي هٿي ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.