ان موقعي تي حاجي غفار موسيٰ، عارف نور، اشرف آدم، يونس فاضلاڻي، جاويد، راشد، آصف ۽ ذيشان موجود هئا، ڪئمپ ۾ سکر ۽ ان جي آس پاس جي 600 کان وڌيڪ مردن، عورتن ۽ ٻارن جو طبي معائنو ڪيو ويو، جن جو ليبارٽري ٽيسٽ ڪيو ويو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري هالار ميمڻ، حنيف ميمڻ، ٻڌايو ته اسان جو مقصد اسان جو عزم انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي اسان جا ادارا پهريان ئي اسڪول، آئي ٽي ايجوڪيشن، ۽ ڪفن دفن ۽ ٻيون سهولتون بنامذهب رنگ ۽ نسل عوام کي خدمت ڪئي پئي وڃي هاڻي الحمد لله هالار ميمڻ جنراسپتال 24 ڪلاڪ ايمرجنسي، ننڍڙن ٻارن جي سخت نگهداشت وارڊ ميڊيڪل اسٽور ليبارٽري، ايڪسري، ۽ الٽرا ساؤنڈ سان گڏ صاف سٿرو ماحول ، هن چيو ته هالار ميمڻ جنرل اسپتال سکر ۽ ان جي آس پاس جي عوام کي سستي ۽ معياري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن،انشاء الله ميگا فري ميڊيڪل ڪيمپ جاري رهندي.