ڀارت ۾ ريل حادثي جو اصل سبب سامهون اچي ويو

ڀارتي ريلوي وزير اشوني وشنو چيو آهي ته اوڊيشا ريل حادثي جو اصل سبب سامهون اچي ويو آهي ۽ ان جي ذميوارن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ريلوي وزير جو چوڻ هو ته واقعي واري هنڌ امدادي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ريل سروس بحال ڪئي ويندي.ريل حادثي کان پوءِ ڪووچ سسٽم کي بحث دوران ڪانگريس ريلوي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو ۽ پڇيو هو ته مودي حڪومت اهو سسٽم ڪڏهن لڳائيندي.ريلوي وزير چيو ته ريل حادثي جو ان سسٽم سان ڪو به واسطو ناهي، تبديلي اليڪٽرانڪ انٽرلاڪنگ ۾ ٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو.هن چيو ته اليڪٽرانڪ پوائنٽ مشين، ريلوي سگنلنگ ۽ اليڪٽرانڪ انٽر لاڪنگ ۾ اوزار هوندو آهي ان پوائنٽ جي سيٽنگ تبديل ڪئي وئي هئي جنهن سبب حادثو ٿيو.اشوني وشنو چيو سيٽنگ ڇو ۽ ڪيئن تبديل ڪئي وئي ان جي خبر رپورٽ اچڻ کان پوءِ پوندي.ياد رهي ته ريل حادثي ۾ فوتين جو انگ 300 کانوڌيڪ ويو آهي، ريل ۾ تقريبن 2 مسافر سوا هئا.