جماعت اسلامي ميئر جي چونڊن کان اڳ مڪاني قانوني ۾ ترميم کي چئلينج ڪري ڇڏيو

جماعت اسلامي ميئر جي چونڊن کان اڳ مڪاني قانون ۾ ڪيل ترميم کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.جماعت اسلامي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ترميمي ايڪٽ تحت اڻ چونڊيل ماڻهن کي چيئرمين ۽ ميئر بنائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. حالانڪه مڪاني قانون موجب ميئر چونڊيل نمائندن کي ئي ٿيڻ گهرجي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آئين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اسٽرڪچر کي واضح ڪري ٿو ان ڪري تازي ترميم تحت جاري ڪيل 24 مئي جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.