قاضي احمد پوليس اغوا ڄاڻايل ناري سوهانا شرما کي هٿ ڪري ورتو

قاضي احمد شھر جي دوست محمد ڪالوني مان 5 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ھندو اٺ ڪلاس جي شاگردياڻي سوھانا شرما کي آئي جي پوليس سنڌ جي هدايتن تي ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد مھروز خان قاضي احمد پوليس جي مدد سان ھٿ ڪري ورتو آھي.جڏهن ته سوهانا شرما کي صبح سوير پوليس اسٽيشن قاضي احمد آڻڻ بعد ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد حوالي ڪيو ويو، جيڪو رات دير سان ٿاڻي تي پهتو هو نينگري کي نوابشاهه جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويندو.ٻئي طرف نياڻي جي بازيابي بعد سوهانا شرما جي وارثن کي اهڙو اطلاع پڻ ڏنو ويو آھي، کين نوابشاهه ايس ايس پي آفيس سڏايو ويو آھي. نينگري جي هٿ اچڻ بعد وارثن جي گهر ۾ خوشي جي ڇائجي وئي آھي.