ڪنڌڪوٽ : تنگواڻي لڳ ڊيراسرڪي ٿاڻي جي حد م ڪوئيٽا ويندڙ ڄاڃين کان روڪ رقم موبائيل ڦر مظاھرين جو ڌرڻو پوليس خلاف نعريبازي ايس ايڇ او مظاھرين کي روڊ کولڻ لاء ڌمڪيون نه ڏيڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو اسان کان ڦر به ٿي آهي ڪيس به اسان مٿان داخل ڪيو پيو وڃي مظاھرين تنگواڻي,ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ٺل تنگواڻي روڊ تي ڊيراسرڪي ريلوي چوڪي ڀرسان ڳوٺ حضور بخش گشڪوري کان ڪوئٽه ويندڙ ڄاڃين جي گاڏي کي نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور گاڏي کي روڪي عورتن ۽ ٻارڙن يرغمال بڻائي ڄاڃين کان پنجاه هزار روپيه روڪ ۽ موبائلون ڦر ڪري فرار ٿي ويا,اهڙي واقعي بعد ڳوٺاڻن شهر جي مين بازار ريلوي ٽريئڪ وٽ ڳوٺاڻي نواب,صابر علي,سندراڻي قدير گشڪوري ۽ ٻين روڊ بند ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن اسان جي عورتن کان ڦر ڪيو آهي پوليس نظر ئي نه ٿي اچي اسان ڊي آء جي لاڙڪاڻو سان به ڳالھايو آهي ڊيراسرڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان به رابطو ڪيو ھنن چيو ته اسان جي حد ناهي ٺل ٿاڻي جي حد آهي ھنن وڌيڪ چيو ته ٺل جي حد آهي ته مان ٿاڻي تي وڃي ھنن کان معافي وٺيندس نه ته اسان جو ڦر ٿيل سامان پنهنجي گهر کان ڀري ڏين ,هتي ڌاڙيلن جو راج قائم آهي ڊيراسرڪي پوليس روڊ کولڻ لاء ڌمڪيون ڏنيون ته روڊ کوليو نه ته ڪيس داخل ڪيو ويندو اسان مطالبو ڪريون ٿا ڦورو گرفتار ڪري اسان کي سامان واپس ڪرايو وڃي,