سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ڪراچي سمنڊ جي ويجهو پهچي ويو، موسميات کاتي طرفان الرٽ جاري

عرب سمنڊ مان ايندڙ سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ڪراچي جي ويجهو پهچي ويو آهي جڏهن ته موسميات کاتي شهر ۾ تيز هوائن، طوفان ۽ کنوڻ سان برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي پورٽ تي پڻ الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي.موسميات کاتي نئون الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته طوفان بائپر جواءِ جي حوالي سان يارهون الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب وچ اوڀر ۽ عرب سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي. انتهائي شديد نوعيت ۾ تبديل ٿيندڙ طوفان جو رخ گذريل 12 ڪلاڪن دوران لاڳيتو اتر طرف وڌي رهيو آهي.موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل الرٽ موجب سامونڊي طوفان بائپر هن وقت ڪراچي کان 760 ڪلو ميٽر، ٺٽي کان 740 ڪلو ميٽر جڏهن ته اوماڙه کان 840 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آهي. 150 کان 160 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن جڏهن ته طوفان سان گڏ موجود هوائن جي رفتار 180 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان به وڌي رهيون هن.موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان 12 ڪلاڪن دوران اتر اولهه ۽ اتر طرف وڌي رهيو آهي. ان ٽريڪ ۾ عمان ۽ پاڪستان جا ساحلي علائقا اچن ٿا. طوفان جي مرڪز ۽ ڀرپاسي هوائن جي رفتار 130 کان 140 ڪلو ميٽرز في ڪلاڪ آهي.موسميات کاتي سنڌ ۽ بلوچستان جي مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.