غوثپور: ڪرمپور گرڊ اسٽيشن تان اغوا ٿيل سيپڪو ملازمن سميت چار مغوي بازياب

ڪرمپور گرڊ اسٽيشن تان اغوا ٿيل سيپڪو ملازم سميت چئن مغوين کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو. سيپڪو ملازمن جميل احمد ٻرڙو۽ آصف آرائين سميت چئن مغوين جي بازيابي بابت ايس ايس پي شڪارپور مبينا مقابلي بعد ڪچي مان بازياب ڪرائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.سيپڪو ملازم جميل ٻرڙو ۽ آصف آرائين کي 16 ڏينهن اڳ ڪرمپور گرڊ اسٽيشن تان ڌاڙيلن اغوا ڪيو هو عبدالرحيم ۽ ابراهيم جعفري کي 3 هفتا اڳ ڌاڙيلن ڳوٺ احمد علي ڪلهوڙو مان ٽيوب تان اغوا ڪيو هو.ناپرڪوٽ پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڪچي ۾ ڪارروائي ڪئي ته ڌاڙيل سان مقابلو ٿي پيو پوليس جي جوابي فائرنگ بعد ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا مغوين جي بازيابي کان پوءِ وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ ٻڌايو ته ناپرڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران 4 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي اغوا ٿيل غوثپور واسي عبدالرشيد ملڪ جي بازيابي تائين آپريشن جاري رهندو. جلد اغوا ٿيل غوثپور واسي مغوي کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ڪنهن به ڏوھاري سان رعايت نه ٿيندي.