ماتلي ويجهو نوجوان زال ۽ سُهري کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

ماتلي ويجھو ڦلڪارا شھر ۾ ناٺي پنھنجي سُھري ۽ گھرواري کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان به فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.تفصيل موجب ماتلي ويجھو ڦلڪارا شھر ۾ اعظم چانڊيو پنهنجي سُھري جي گھر ۾ داخل ٿي پنھنجي گھرواري ثمرين چانڊيو ۽ سندس سُهري تاج محمد چانڊيو کي گوليون ھڻي قتل ڪري پاڻ مٿان فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.پوليس ٽنھي جا لاش ڦلڪارا تعلقه اسپتال ماتلي کڻائي آئي جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. ٻئي طرف ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي اعظم چانڊيو جو سُھرو تاج محمد اعظم کي پنھنجي گھرواري ثمرين سان ملڻ نه ڏيندو ھو ۽ نه گھر ڇڏيندو ھو جنھن جي ڪري اعظم ڪاوڙ ۾ اچي کين قتل ڪيو ۽ پاڻ مٿان به فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.