قاضي احمد: سيف هائوس حوالي ڪيل نينگري سوهانا شرما جي امڙ هنجون هاريندي ڌيءَ واپس ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي

قاضي احمد مان 07 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيڻ کان بازيابي بعد عدالتي حڪم تي سيف ھائوس نواب شاھ حوالي ڪيل ھندو نينگري سوھانا شرما جي گھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي.مبينا اغوا بعد عدالتي حڪم تي سيف هائوس نوابشاهه حوالي ڪيل سندس ماءُ چمپا شرما ۽ پيءُ دليپ ڪمار ھنجون هاريندي ڌيءَ سندن حوالي ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي سندس امڙ ۽ پيءُ نياڻي جي اغوا بعد گھر جو چلھو ناھي ٻاريون جيجل ماءُ نينگري جي مبينا اغوا واري واقعي ۾ ملوث جوابدار اختر گبول کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو آھي ته استاد شاگردياڻي جو ماءُ ۽ پيُ جو رشتو ھوندو آھي اختر گبول استاد جي مان مرتبي کي لڄايو آھي. اسان والدين اعتبار ڪري پنهنجون نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لاء ڇڏيون ٿا پر جوابداراستاد جي روپ ۾ بگھڙ وارو ڪردار ادا ڪيو آھي.نينگري سوھانا شرما جي امڙ ۽ سندس پيءُ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس توڙي وس وارن کان گهر ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي نياڻي کي سيف هائوس رهائڻ بدران اسان جي حوالي ڪيو وڃي.