ڪنڌڪوٽ :اناج منڊي روڊ وٽ افسوس ناڪ حادثو پيش آيو آهي بوھہ سان ڀريل ٽرڪ چنگچي رڪشا مٿان ڪلٽي ٿي پيو ٽرڪ جي ھيٺان رڪشي ۾ سوار 10 ڄڻا دٻجي ويا جن ۾ عورت ۽ ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ـ فوت ٿي ويلن ۾ 55 سالا محمد يوسف ـ 45 سالا عبد اللّٰه نندواڻي ـ 19 سالا بشيران خاتون ـ 12 سالا رشيدان ـ 11 سالا عرفان ۽ مسمات شاھناز خاتون شامل آهن ـ حادثي سبب ٻن ڪلاڪن تائين سوين شھري گڏ ٿي پنهنجي مدد پاڻ ٽرڪ ھيٺيان دٻجي ويل ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مصروف رھيا جڏهن ته ريسڪيو ۽ پوليس جون ٽيمون پڻ امدادي سرگرمين ۾ شامل ھيون رڪشي ۾ سوار نندواڻي برادري جي ھڪ ئي خاندان جي ڇھن ڄڻن جا لاش ۽ زخمين کي ٻاھر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ـ ٻئي طرف فوتين جي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو آهي ۽ ھڪ ئي خاندان جا 6 لاش پھچڻ تي علائقو ۽ سڄو شھر سوگ ۾ وٺجي ويو آهي ـ پوليس جو چوڻ آهي ته بوھہ سان ڀريل ٽرڪ اوور لوڊ ۽ روڊ جي حالت خراب ھجڻ ڪري حادثو پيش آيو آهي ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي ـ ھوڏانھن شھر جي سڃاڻ ڌرين افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي نااھلي سبب شھر جا اڪثر روڊ رستا کنڊرات بڻيل آهن اناج منڊي ۽ ساقي موڙ وارو روڊ ڪيترن ئي سالن کان ٽٽل آهي جنهن سبب ھي حادثو پيش آيو آهي ھنن مطالبو ڪيو ته ھن افسوس ناڪ حادثي جو ڪيس ضلعي انتظاميا مٿان داخل ڪرايو وڃي