سنڌ : هاءِ ڪورٽ ميئر ڪراچي جي چونڊن جي موقعي تي ڪنهن به يوسي چيئرمين کي غيرقانوني حراست ۾ رکڻ ۽ حراسان ڪرڻ کان روڪيندي چونڊن جي ڏينهن چونڊيل نمائندن جي حاضري يقيني بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميئر ڪراچي جون چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت تحريڪ انصاف جي يوسي چيئرمين ذيشان عالم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ پوليس يوسي چيئرمين کي غيرقانوني حراست ۾ رکيو ۽ حراسان ڪري رهي آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته چونڊن جي ڏينهن چونڊيل نمائندن جي حاضري کي يقيني بنايو وڃي جيڪڏهن ڪير به حراسان ڪري رهيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ان جي خلاف ڪارروائي ڪري.ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته گرفتار چونڊيل نمائندن جي چونڊن جي ڏينهن حاضري يقيني بنائي وڃي ڪنهن کي به غيرقانوني حراست ۾ نه رکنداسين ۽ ڪنهن کي به ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي. اسان گذريل ٻڌڻي تي به عدالت کي اهو يقين ڏياريو هو.سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان يقين ڏيارڻ کان پوءِ درخواست اُڪلائي ڇڏي.