سامونڊي طوفان: ڪيٽي بندر ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان 50 هزار ماڻهن جي لڏپلاڻ جو امڪان

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي ڪيٽي بندر ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان 50 هزار ماڻهن لڏ پلاڻ جو منصوبو سامهون اچي ويو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سجاول جي سامونڊي پٽي جو دورو ڪيو ۽ سجاول، ٺتو ۽ بدين جي سامونڊي پٽي جو فضائي معائنو پڻ ڪيو.ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد سامونڊي طوفان بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته شاهه بندر، جاتي ۽ ڪيٽي بندر جي سمنڊ جي ويجهو ڳوٺن مان 50 هزار ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٿيندي. شاهه بندر جي ٻيٽن مان رات 2 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. بدين جي زيرو پوائنٽ جي ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ مان به ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سامونڊي طوفان 15 جون تي ٽڪرائجندو. 17 جون کان 18 جون تائين طوفان جو اثر گهٽ ٿي ويندو. شدت ۾ معمولي گهٽتائي سان طوفان 13 يا 14 جون جي بجاءِ 15 جون تي ٽڪرائجندو.بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته طوفان جي ٽڪرائجڻ سان سمنڊ ۾ 4 کان 5 فوٽ ڊگهيون لهرون اٿنديون جنهن سان پاڻي تمام گهڻو اڳتي تائين ويندو.