سهانا شرما قاضي احمد جي عدالت ۾ پيش، والدين حوالي

سهانا شرما کي نوابشاهه جي سيف هائوس مان 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ قاضي احمد ٿاڻي جي جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. جتي 164 جي بيان بعد سوهانا شرما کي والدين حوالي ڪيو ويو.سهانا شرما جبري شادي جو انڪار ڪندي چيو ته مان پنهنجي سهيلي گڙيا سان گهمڻ لاءِ گهران نڪتي هئس، مونکي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي، نه وري مون مذهب تبديل ڪيو آهي. مان ڪنهن به جوابدار کي نٿي سڃاڻان. جنهن کان پوءِ عدالت سڳوري سهانا شرما جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد کيس 10.000 جي پي آر بانڊ عيوض سندس والدين جي حوالي ڪري ڇڏيو.ياد رهي ته سهانا شرما کي ٻه ڏينهن اڳ پوليس رڪور ڪري عدالت ۾ 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش ڪيو هئو، جنهن کي عدالت ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ عمر جو تعين ڪرڻ لاءِ سيف هائوس اماڻي ڇڏيو هو.. سهانا شرما پاران عدالت ۾ ايڊووڪيٽ سچل مجيب، ايڊووڪيٽ پرڪاش ڪمار، ايڊووڪيٽ مرتضي ابڙو، ايڊووڪيٽ امتياز چانڊيو ۽ ٻيا پيش ٿيا.عدالت ۾ سهانا شرما جي والد دليپ ڪمار سان اظهار يڪجهتي لاءِ والدين، هندو پنجائت جا اڳواڻ، سماجي اڳواڻ، ۽ قومي ڪارڪن عدالت پهتل هئا.