سامونڊي طوفان بائپر جواءِ سنڌ جي ويجهو پهچي ويو آهي. ڪراچي کان طوفان جو فاصلو گهٽ ٿي 470 ڪلو ميٽر رهجي ويو آهي. جڏهن ته بدين کان 460 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آهي.ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جا حفاظتي دستا تيار آهن. موسميات کاتي سامونڊي طوفان جي حوالي سان 15هون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن موجب طوفان بدين کان 460 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آهي.موسميات کاتي موجب گذريل 12 ڪلاڪن دوران سامونڊي طوفان جو رخ لاڳيتو اتر طرف رهيو. جڏهن ته 14 جون جي صبح تائين طوفان جو ٽريڪ اتر طرف رهندو. 15 جون تي رخ تبديل ڪرڻ کان پوءِ ٻنپهرن جي وقت ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي رياست گجرات وٽان گذرندو. طوفان جو مرڪز ۽ چوڌاري هوائون 160 کان 180 ۽ وڌ کان وڌ 200 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ لڳي رهيون آهن.سامونڊي طوفان سبب سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان 300 ملي ميٽر تائين برسات پئجي سگهي ٿي. جڏهن ته ڪراچي ۾ اڱاري جي شام برسات جو امڪان آهي. سامونڊي طوفان جي اثرن سبب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 100 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي سگهي ٿي.سامونڊي طوفان جي امڪاني اثرن دوران ڏکڻ، اوڀر سنڌ جي سامونڊي پٽي تائين پهچڻ جي صورت ۾ 13 کان 17 جون دوران ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي ضلعن ۾ وڏي پيماني تي کنوڻ ۽ تيز هوائن سان برسات پئجي سگهي ٿي جنهن جي رفتار 80 کان 120 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ٿي سگهي ٿي.طوفان کي نظر ۾ رکندي ٺٽو، بدين ۽ سجاول سميت سامونڊي پٽي مان لڏ پلاڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. طوفان جي اچڻ کان اڳ 90 هزار ماڻهن جي لڏ پلاڻ مڪمل ڪرڻ جو ٽارگيٽ آهي جنهن سبب ڪيٽي بندر شهر خالي ڪرايو پيو وڃي. جڏهن ته بدين ۽ سجاول مان به متاثرين جي ريليف ڪيمپن ۾ منتقلي جاري آهي.ڪراچي ڪينٽ، بدين ۽ حيدرآباد مان پاڪ فوج جا دستا امدادي ڪارروائين ۾ حصو وٺڻ لاءِ سامونڊي علائقن ڏانهن اماڻيا ويا آهن جڏهن ته ميرين سيڪيورٽي، رينجرز ۽ چونڊيل نمائندا سامونڊي پٽين مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۾ مصروف آهن