ڪور ڪمانڊر ڪراچي ميجر جنرل بابر افتخار امڪاني سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي سلسلي ۾ بدين ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن ڏکي گهڙيءَ ۾ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. ساحلي پٽي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن.ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار رات دير سان امڪاني سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي سلسلي ۾ بدين ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ جي او سي حيدرآباد سميت فوجي ۽ سول ادارن جي اختيارين شرڪت ڪئي.لاڳاپيل ذميوارن ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي مڪمل بريفنگ ڏني. ڪور ڪمانڊر وقت تي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪور ڪمانڊر هدايت ڪئي ته امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن. ڪور ڪمانڊر ڪراچي ٻڌايو ته هينئر تائين پاڪ فوج جا جٿا ريسڪيو لاءِ مختلف هنڌن تي پهچي چڪا آهن. ڪنهن به صورت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.ٻئي طرف ڊي سي بدين آغا شاهنواز خان چيو ته سامونڊي طوفان جو پاڪستان طرف فاصلو گهٽ ۽ خطرا وڌي ويا آهن. سامونڊي پٽي جي ڳوٺن ۽ مهاڻن جي جهڳين مان آبادي جي لڏ پاڻ رات دير تائين جاري رهي. سامونڊي پٽي مان لڏ پلاڻ ۽ متاثرين جي محفوظ هنڌن تي منتقلي کي يقيني بنايو ويندو.ڊي سي بدين ٻڌايو ته سرڪاري عمارتن ۽ محفوظ هنڌن تي مقامي ماڻهن کي منتقل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پاڪ آرمي، رينجرز، سرڪاري آفيسر ۽ ملازم آبادي جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي ۾ مصروف آهن.