شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف ايل اين جي ريفرنس ٻڌڻي 16 جولاءِ تائين ملتوي

احتساب عدالت ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف ايل اين جي ريفرنس تي ٻڌڻي 16 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.احتساب عدالت جي جج محمد بشير ايل اين جي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي وڪيل سان گڏ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو.شاهد خاقان عباسي جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته الزام آهي ته شاهد خاقان عباسي ملي ڀڳت سان ايل اين جي ريفرنس جو ٺيڪو ڏنو پر اهو فيصلو ڪابينه جو هو. ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا وڪيل دليل جاري رکندا.جنهن کان پوءِ احتساب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.