لاهور :هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي بحالي جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

لاهور : هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي بحالي جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي بحالي جو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کان 21 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي بحالي بابت درخواست ۾ فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي، حماد اظهر سميت 61 استعيفائون ڏيندڙ اسيمبلي ميمبر، قومي اسيمبلي ميمبر، اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کي به ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب ٿيڻ تي پي ٽي آءِ جي 123 قومي اسيمبلي ميمبرن استعيفائون ڏنيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر 11 ميمبرن جون استعيفائون 28 مئي تي منظور ڪيو. جڏهن ته ٻين ميمبرن جون استعيفائون قانون موجب 17 جنوري تي منظور ڪيون ويون.درخواست موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ قانون جي ابتڙ 18 مئي تي ميمبرن جي بحالي جو فيصلو ڏنو. ان ڪري عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ڌرين کان 21 جون تائين جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.