ڪراچي : ۾ امڪاني طوفان کي ڏسندي سمورا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن.ڪراچي جي ڪمشنر سامونڊي طوفان بپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي تعليمي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون.ڪراچي جي ڪمشنر ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن موجب سڀاڻي کان سمورا امتحان ۽ تعليمي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن، طوفان جي خاتمي تائين تعليمي سرگرميون معطل رهنديون.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.وٽيفڪيشن موجب سمورا امتحان، تعليمي سينيمار، سمر ڪيمپس ۽ ٻيون سرگرميون 14 جون کان طوفان ٽَرڻ تائين ملتوي رهنديون.