ارشد شريف قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا رد

سپريم ڪورٽ ارشد شريف قتل تي سوموٽو ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين سميت پنج ڄڻن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا کي رد ڪري ڇڏيو آهي.عدلت طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اٽاني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪينيا ۽ متحده عرب امارات جون حڪومتون وفاقي حڪومت سان گڏيل قانوني مدد جي معاهدن تي ڳالهين جي عمل ۾ آهن. اهڙي طرح جي معاهدن تي عمل ۾ ڪجهه وقت لڳندو.حڪم نامي موجب ارشد شريف جي ٻئي گهر واري جي وڪيل عدالت کي گڏيل قومن جي نمائندن ۽ گڏيل قومن جي ان ڪميٽين جو حوالو ڏنو جيڪو سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي جاچ ۾ شامل آهن. ارشد شريف جي والده جي وڪيل شوڪت عزيز صديقي ٻن گڏيل داخل ڪيل درخواستن جو حوالو ڏنو جنهن ۾ هن ڪجهه ماڻهن جا نالا ٻڌايا آهن جن کي ان جي پٽ جي قتل ۾ ملوث سازشن ۽ ڏوهن جي باري ۾ خبر آهي.حڪم نامي موجب والده جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته ايس جي آءِ ٽي کي مذڪوره ماڻهن جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڏني وڃي. گڏيل درخواستن تي غور ڪرڻ کان پوءِ عدالت جو خيال آهي ته والده جي وڪيل جي استدعا قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي. سوموٽو ۾ عدالت ارشد شريف جي قتل جي جاچ ۾ صرف سهولت ڏئي رهي آهي هن ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي جولائي 2023 ۾ ٻيهر ڪئي ويندي.