صابر شاڪر ۽ معيد پيرزاده سميت 4 ڄڻن خلاف بغاوت ۽ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.شهري ماجد محمود طرفان اسلام آباد جي آبپاره ٿاڻي ۾ صابر شاڪر ۽ معيد پيرزاده سميت 4 ڄڻن خلاف بغاوت ۽ دهشتگردي جي ڪيس ۾ 9 مئي تي وڊيو پيغامن ذريعي فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي لاءِ ڀڙڪائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.ايف آءِ آر ۾ صابر شاڪر ۽ معيد پيرزاده کان علاوه محي الدين ۽ سيد اڪبر حسين کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ شهري طرفان چيو ويو آهي ته مان 9 مئي تي وڃي رهيو هئس ته ميلوڊي ۾ 15 کان 20 ماڻهو جوابدارن جي وڊيو پيغامن ذريعي ماڻهن کي دهشتگردي لاءِ ڀڙڪائي رهيا هئا. مظاهرين صابر شاڪر، معيد پيرزاده ۽ ٻين کان دهشتگردي پکيڙڻ جون هدايتون وٺي رهيا هئا.داخل ڪيل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن عسڪري ٺڪاڻن تي حملا ڪري ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ خوف پکيڙڻ چاهيو ٿي. جوابدار پرڏيهي ملڪن ۾ رهي ملڪ دشمن ايجنسين جا سهولتڪار بڻيل آهن.