اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ رانا صوفيان بابر عوامي شڪايتن تي شھر جي ڪريانه جي دوڪانن تي اوچتو ڇاپا ھنيا۔

اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ رانا صوفيان بابر عوامي شڪايتن تي شھر جي ڪريانه جي دوڪانن تي اوچتو ڇاپا ھنيا۔ ٽيھ کان وڌيڪ دوڪاندارن کي لسٽن تي مقرر اگھن کان وڌيڪ وٺڻ تي مٿن ڏنڊ وجھي چالان ڪيو۔ اسسٽنٽ ڪمشنر عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي به ڇاپو ھڻي ٽي اسپتالون ۽ ميڊيڪل سيل ڪري ڇڏيا۔ ڪيترائي ڊاڪٽر ڪلينڪون ڇڏي فرار ٿي ويا۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ لاڳيتو سوشل ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپو۽ پنھنجي ٽيم جنھن ۾ زاھد اعواڻ ۽ ڪامران سھرياڻي به شامل ھئا شھر جي مئن بس اڏي ۽ شاھي بازار جي مختلف ڪريانه ۽ ڦروٽ وارن گاڏن تي ڇاپا ھنيا ۽ سندن ريٽ معلوم ڪيا۔ ان موقعي تي ھن ڪريانه ۽ ڦروٽ جي مختلف ريڙھين وارن کان ھزارين روپيه ڏنڊ وجھي چالان ٺاھي ڏنو۔ اي سي رانا صوفيان شھر جي مختلف عطائي ڪلينڪن جو به دورو ڪيو ۽ ٽن عطائي ڊاڪٽرن جو ڪلينڪون ۽ سندن بنا لائسنس وارا ميڊيڪل پڻ سيل ڪيا۔ رابطي ڪرڻ تي ھن ميڊيا کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي لاڳيتو شڪايتون اچن پيون ته شھر جا منافعي خور واپاري وڌيڪ اگھ وٺ عوام کي ٻنھي ھٿن سان لوٽ مار ڪري رھيا آھن جنھن لا۽ اڄ اوچتي ڪاروائي ڪري 30 کان وڌيڪ دوڪاندارن تي ڏڊ وڌو آھي۔