سکر: رحيم داد خان مولائي شيدائي لائبريري سکر جو پڙهندڙ سکر واسي نوجوان روهت ڪمار سي ايس ايس جي

سکر: رحيم داد خان مولائي شيدائي لائبريري سکر جو پڙهندڙ سکر واسي نوجوان روهت ڪمار سي ايس ايس جي امتحان ۾ شهري سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي جڏهن ته ڊائريڪٽر ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ امتياز علي ميمڻ پاران سندس مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ سينئر صحافي ۽ آرٽس ڪائونسل سکر جي صدر ممتاز بخاري ۽ سول سوسائٽي اڳواڻ ستار زنگيجو شرڪت ڪئي جڏهن ته سي ايس ايس جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ سکر واسي نوجوان روهت ڄمار کي ڊائريڪٽر ڪلچر ڊپارٽمينٽ لائبريري سکر پاران اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ان موقعي تي لائبريري ۾ موجود شاگردن کي خطاب ڪندي ممتاز بخاري؛ امتياز علي ميمڻ؛ ستار زنگيجو چيو ته روهت ڪمار جي سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪاميابي سکر جي نوجوانن لاءِ فخر جي ڳالهه آهي اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته هو محنت ڪري اعلي امتحانن ۾ پاس ٿي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڪردار ادا ڪن جڏهن ته ڊائريڪٽر ڪلچر ڊپارٽمينٽ امتياز علي ميمڻ چيو ته ان ڳالهه جي خوشي آهي ته نوجوان روهت ڪمار اسان جي رحيم داد خان شيدائي لائبريري ۾ سي ايس ايس جي تياري ڪري شهري سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي اڄ ان ئي لائبريري ۾ سندس مان ۾ آجياڻو ان ڪري رکيو ويو آهي ته جئين هتي پڙهندڙ شاگردن ۾ اتساهه پيدا ٿي ۽ هو وڌيڪ محنت ڪري هر شعبي جي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪن امتياز علي ميمن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران سکر ۾ قائم ڪيل رحيمداد خان مولائي شيدائي لائبريري جا دروازا سمورن شاگردن لاءِ کليل آهن