مهانگائي جو شڪار غريب عوام لاءِ خوشخبري آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه ۽ تيل جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جو گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل سستو ٿي ويو، اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، مختلف برانڊز جي گيهه جي في ڪلو قيمت سٺ رُپيا گهٽائي وئي آهي جڏهن ته ڪوڪنگ آئل جي قيمت ۾ به 37 رُپيا 59 پئسا في ليٽر تائين لاٿ ڪئي وئي آهي.