مُلڪ جي مشڪل معاشي حالتن ۾ تاجر برادري جا حوصلا بلند ڏسي خوشي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته واپاري برادري ملڪي ترقي ۾ سدائين هاڪاري ڪردار ادا ڪيو، مشڪل معاشي صورتحال ۾ سندن حوصلو بلند ڏسي خوشي ٿي.لاهور ۾ تاجرن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اڄ لاهور ۾ سموري مُلڪ جي تاجر اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ڏکين معاشي حالتن ۾ سندن حوصلا بلند ڏسي خوشي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته تاجر برادري مُلڪي ترقي ۾ سدائين هاڪاري ڪردار ادا ڪيو، پيپلزپارٽي تاجر برادري جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪندي رهندي.